عشق جي آخري سرحد

عشق جي آخري سرحد

عشق جي آخري سرحد

عشق جي آخري سرحد (ڪتاب): هي ڪتاب ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار، يار محمد چانڊئي جي ڪهاڻين تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪـل 24 ڪهاڻيون آهن، جيڪي سماجي حالتن جي عڪاسي ڪندڙ آهن. گهريلو زندگي، عورت سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ سرداري ۽ جاگيرداري نظام کي ڪهاڻين ذريعي عام آڏو پيش ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو پبلشر نوٽ مرتضيٰ لغاري ۽ مهاڳ نامور اديب شوڪت حسين شوري لکيو آهي. ڪتاب بابت ‘ڪهاڻيون سرحدن جون محتاج ناهن’ عنوان سان هندستان جي نامور ليکڪ ڪلاڌر متوا لکيو آهي، جڏهن ته ليکڪ
‘ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي’ جي عنوان سان پيش لفظ لکيو آهي. ان کان سواءِ ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ ممتاز مهر جا ليکڪ ۽ سندس ڪهاڻين بابت تاثر پڻ شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 144 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب جنوري 2016ع ۾ مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو